ضياء الدين نخشبي

ضياءَ الدين نخشبي: ضياءَ الدين صوفي جو تعلق بدايون سان هو. سندس تخلص نخشبي هو. اخبار الاحيار ۽ خزنيته صفيا مطابق کيس سلطان العارفين شيخ حميد الدين ناگوري جي پوٽي حضرت شيخ فريد سان تمام گهڻي عقيدت هئي پر ڪجهه تاريخ نويسن جي راءِ آهي ته ضياءَ الدين نخشبي خواجه نظام الدين اولياء جو مريد هو. ضياءَ الدين جيڪي ڪتاب لکيا انهن ۾ ’سلڪ اسلوڪ‘، ’عشره منشبره‘، ’ڪليات و جزئيات‘، ’شرح دعاء سرياني‘ ۽ ’طوطي ناما‘ شامل آهن. سندس لکيل ڪتاب ’طوطي ناما‘ ۾ 52 عبرت آموز ڪهاڻيون ڏنل آهن. سندس انهن ڪهاڻين کي انگريزيءَ ۾ به ترجمو ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه سندس هڪ ٻيو مشهور ڪتاب ’ناموس اڪبري‘ ۾ صوفياڻي انداز ۾ انساني عضون، جهڙوڪ: ڪن، اک، هٿ ۽ پيرن وغيره جي خاصتين کي بيان ڪيو اٿس. ضياءَ الدين نخشبي پنهنجي زندگي گونشه نشيني ۾ گذاري. هن 751هه/1350ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ ضياء الدين نخشبيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو